پلاسيءَ جي جنگ

پلاسيءَ جي جنگ: 23 جون 1757ع تي ٿيل هڪ ويڙهه، جنهن جي نتيجي ۾ بنگال تي برطانوي ڪنٽرول قائم ٿيو. هي هندستان جي برطانوي فتح جو پهريون مرحلو بني. 1756ع ۾ بنگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪتي ۾ برطانوي قلعو فتح ڪيو، جتي پوءِ ڪجهه انگريز قيدي زمين ۾ کوٽيل کڏي ۾ دم ٽوڙي ويا. هن کڏي کي ’ڪلڪتي جو بليڪ هول‘ چيو وڃي ٿو. ڪجهه لکندڙن بليڪ هول کي حقيقت بجاءِ افسانو سڏيو آهي. برطانوي گورنر رابرٽ ڪلائيو جنوري 1757ع ۾ قلعي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ بنگال جي هندو اڳواڻن کي پاڻ سان گڏايو. جيڪي نواب سراج الدوله کان کان ناراض هئا. نواب جي جرنيلن مان هڪ مير جعفر کي غداريءَ تي راضي ڪرڻ کانپوءِ ان جون ۾ ڪرشن نگر (اولهه بنگال) جي ڀرسان پلاسي ڳوٺ ۾ بنگالي فوج کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ خطي تي برطانوي حڪومت مضبوط ٿي وئي.


لفظ پلاسيءَ جي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1757.06.23  عيسوي

پلاسيءَ جي جنگ 23 جون 1757ع تي ٿيل هڪ ويڙهه، جنهن جي نتيجي ۾ بنگال تي برطانوي ڪنٽرول قائم ٿيو. هي هندستان جي برطانوي فتح جو پهريون مرحلو بني. 1756ع ۾ بنگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪتي ۾ برطانوي قلعو فتح ڪيو،



جنگيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رند ۽ لاشار جي جنگ
دٻلي ٻيٽ جي جنگ
چانڊين ۽ مگسين جي جنگ
سويق غزوه
انڙپور واري جنگ
بهاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون
حمرالاسد
بدر جي جنگ
ٻاڻ
پهرين مڪليءَ جي جنگ
جنگيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون